
Copy this code to your website to display this banner!
اسين توهان کي ڀليڪار چئون ٿا
بــســـم الله الـــرحــمٰـــن الـــرحــيــم
دوستو السلام عليڪم :
ڪجهـ منهنجي باري ۾ :
منهنجو اصل نالو محمد حسين آهي، پر اڪثر مونکي منهنجا دوست ايم ايڇ جمالي ڪري سڏيندا آهن، منهنجو جنم بتاريخ 12جولائي 1989ع نوابشاهـ کان اتر ۽ اوڀر طرف ڳوٺ سعيد خان جمالي ۾ ٿيو. مون شروعاتي تعليم پنهنجي ئي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. جنهن کانپوء ڀر واري ڳوٺ ۾ِ مڊل پاس ڪئي ان کان پوءِ سٺن نمبرن ۾ ايڇ ايم خوجـ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهـ مان ميٽرڪ پاس ڪئي. جنهن کانپوءِ 2004 يعني ميٽرڪ دوران ئي ڪمپيوٽر سائنس ۾ 8 مهينن جو شارٽ ڪورس ڪري ڪيئر ڪمپيوٽر ٽريننگ سينٽر مان ايم ايس آفيس ۽ ڊيٽابيس مينيجمينٽ ۾ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. ساڳئي ئي وقت هڪ سال جي اندر يعني 2004 ۾ ئي پرنٽنگ پريس تي ڪمپيوٽر آپريٽنگ ۽ ڪمپوزنگ ۾ مهارت حاصل ڪئي، جنهن ۾ ويب ڊزائيننگ تي پڻ ڪم ڪيو،جيڪو مان اڃان تائين ڪري رهيو آهيان. منهنجي ڪوشش آهي تـ ويب ڊزائيننگ ۾ ماهر ٿيان ۽ پنهنجي سنڏ ڏرتي ۽ پنهنجي قوم ۽ ڳوٺاڻن جي لاءِ ڪجهـ ڪري سگهان، مونکي اميد آهي تـ اگر الله سائين چاهيو تـ مان پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس،
ڪجهـ اسان جي ڳوٺ سعيد خان جمالي جي باري ۾ :
اسان جو ڳوٺ بـ قديمي ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ اٽڪل 150 گهرن تي مشتمل آهي. ڳوٺاڻن جي زندگي جو ڪاروهنوار اڪثر زمين ۽ کيتي سان آهي. ڪافي ڳوٺاڻا سرڪاري ملازمت ۾ پڻ آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ اسڪول نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۽ ڳوٺ جي ڀر سان هڪ قديمي کوهـ پڻ آهي. اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن جو تعلق سُنت رسول جماعت سان آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ عبدالله نالي هڪ بزرگ قرآن ۽ سنت جو هڪ وڏو عالم پڻ ٿي گذريو آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ قرآن شريف جي تعليم لاءِ شروع کان وٺي بندوبست ٿيل آهي. اسان جي ڳوٺ جو وڏيرو رئيس سعيد خان جمالي ڳوٺ جو چڱو مڙس آهي جيڪو ڪاليج ۾ ميڪينيڪل ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي. اسان جي ڳوٺ جي هڪ ٻي شخصيت جيڪو ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. مير عالم جمالي جيڪو ڳوٺ جي روڊ کان وٺي ڳوٺ جي لاءِ اسپتال ۽ ڇوڪرين جي اسڪول لاءِ پتوڙي رهيو آهي. ڳوٺ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مصروف تر نظر اچي ٿو ۽ سندس سياسي تعلقات بـ ڪافي اهم شخصن سان آهن.
منهنجي سوچ ۽ خيال مطابق :
جيڪڏهن انسان محنت ڪري تـ هو ڇا ڇا حاصل نـ ٿو ڪري سگهي، مون ميٽرڪ دوران ڪافي اسڪل سکيا منهنجي عقل مطابق جيڪڏهن سکڻ جو حوصلو ۽ ولولو هجي تـ دنيا ۾ انسان هر شئي حاصل ڪري سگهي ٿو شاهـ سائين سچ چيو آهي تـ
ستا اٿي جاڳ ننڊ نـ ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نـ ملي.
ڪنهن وري چيو تـ ڏونگر بـ ڏري پوندا جي ارادو آهي اٽل.
منهنجو پسنديده شاعر ۽ شاعري :
شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رح منهنجو پسنديده شاعر آهي. سندس شاعري انسان زات لاءِ روحاني تسڪين ۽ ظاهري طور ۽ دنيا ۽ آخرت لاءِ هڪ عظيم مثالي فلسفو ۽ سبق آهي.
اکر پڙهـ الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار پنا پڙهندين ڪيترا.
تتيءَ ٿڏيءَ ڪاهـ ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهـ ، پوءِ پير نـ لهين پرينءَ جو.
خدا حافظ اوهان جي دعائن جو منتظر
ايم ايڇ جمالي موبائل 3681358-0343
MH-Jamali while modeling
MH Jamali, a 19-Years sweet Smart boy from Nawabshah Sindh PK has many projects of creating & designing of websites. He has a much more experience in graphics & designing of websites & Collecting Histrocial Information in Every field since 26th July-2006 till today he is performing his services as a PC Operator & Clerk at the Office of Taluka Nazim Daur District Shaheed Benazir Abad Nawabshah.
He has created the Folloing Websites
www.mhjamali.8m.net wwww.daurcity.8m.com
www.daur.8m.com